پريتم هنڱوراڻي

پريتم هنڱوراڻي: سنڌي ٻوليءَ جي شاعر، ليکڪ ۽ ناول نگار پريتم هڱوراڻيءَ جو اصل نالو تيرٿ روچيرام هڱوراڻي ”پريتم“ آهي. هو 10 اپريل 1920ع تي، ڪـراچيءَ ۾ ڄائو. سـنـدس ڇپيـل ڪتابن ۾ ’منـوهـر سنديش‘ (شــاعـري: 1962ع)، ’سماج‘ (ناول: 1956)، ’آدرشــي انـســان‘ (1969ع)، ’ڀڙڀانگ‘ (1955ع) ۽ ’شڪست‘ (ڪهاڻيون: 1957ع) شامل آهن. ان کان سواءِ سنڌي فنڪارن ۽ شهيدن جي سوانح تي ٽيهارو کن مضمون لکيا اٿس. انگريزي ٻوليءَ ۾ به ڪجهه ڪتاب لکيائين. جن ۾: "Soul of Sindhi" ۽ "Pearl Strings" شامل آهن. هي ورهاڱي وقت سنڌ جون حالتون ناسازگار ڏسي هندستان لڏي ويو ۽ پاڻ ممبئيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.04.10  عيسوي

پريتم هڱوراڻيءَ جو اصل نالو تيرٿ روچيرام هڱوراڻي ”پريتم“ آهي. هو 10 اپريل 1920ع تي، ڪـراچيءَ ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسير ملاح
احمد رضا
شاهنواز مسافر
بِنگو گوپانگ
راشد مورائي
بشير احمد سومرو
اقبال شينو
سڳن آهوجا
بشير سيتائي
حاجي محمد يوسف ميمڻ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون